ممبئي (شوبز نيوز) ليجنڊ بالي ووڊ اداڪار دليپ ڪمار کي ساھ کڻڻ ۾ مسئلو پيدا ٿيڻ ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب سينيئر بالي ووڊ اداڪار دليپ ڪمار جي گھرواري سائرا بانو جو چوڻ آھي ته دليپ ڪمار کي ساھ جي تڪيلف سامھون اچڻ بعد ممبئي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي. ياد رھي ته گذريل ڪجھ سالن کان اداڪار دليپ ڪمار جي طبيعت خراب آھي، گذريل مھيني به ھن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.