ڀٽ شاهه (ن پ ا) پير آف ڀٽ شاهه سيد گدا حسين شاهه درگاهه ڀٽائي تي عام زائرين لاءِ سختيون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي سيد  گدا حسين شاهه لطيفي چيو ته درگاهه ڀٽائي تي پابنديون ۽ سختيون هڪ سياسي چال آهي ڪجهه مخالف ڌريون نه ٿيون چاهين ته ڀٽائي جي درگاهه عام زائرين لاءِ کليل هجي. هن چيو ته پوري ملڪ اندر ڪرونا پابنديون ختم ٿي چڪيون آهن جلسا، جلوس، ميلا ملاکڙا، مال پڙيون، خريداري مرڪز کلي چڪا آهن قلندرلعل شهباز ۽ سچل سرمست جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان ٿيو ۽ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا، درگاه ڀٽائي لاءِ به ساڳيو فيصلو ۽ قانون هجڻ گهرجي. ٻين درگاهن جا شاهه لطيف جي درگاهه کولي عقيدتمندن کي شاهه جو ڪلام به ٻڌڻ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ زائرين سان گڏ احتجاج شروع ڪنداسين.