درياخان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان خاصخيلي، ڳوٺ سومر خان خاصخيلي، ڳوٺ مولابخش خاصخيلي، ڳوٺ شھزادو ڀيل سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران اسڪول جي عمارت ڳوٺ کان شهر منتقل ڪرڻ خلاف محمد رمضان خاصخيلي، محمد شريف خاصخيلي، وڪيل خاصخيلي، صديق خاصخيلي، ايوب خاصخيلي، شترام باگڙي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن شاگردن سميت نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ضلعي نوشھرو فيروز هيڊ پاران ڳوٺ محمد رمضان خاصخيلي جي منظور ٿيل اسڪول جي عمارت شهر منتقل ڪري ڇڏي آهي، جڏھن ته دريا خان مري شھر ۾ اڳ ڪيتريون ئي اسڪولن جون عمارتون موجود آھن ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته اسڪول جي عمارت نه ھجڻ سبب مختلف ڳوٺن جا سوين معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن ڳوٺاڻن ۽ شاگردن تعليم جي صوبائي وزير سيڪريٽري تعليم سميت وس وارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته اسڪول جي منظور ٿيل عمارت ڳوٺ محمد رمضان ۾ ڏني وڃي ته جيئن مختلف ڳوٺن جا ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگھن.