دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ طالب مري واسي پيپلز پارٽي اڳواڻ رئيس محرم خان مري جو نوجوان پٽ سيڪيورٽي گارڊ طور ڊيوٽي ڪندڙ غلام رضا مري ڪراچي جي علائقي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ مبينا طور گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته غلام رضا مري کي ڪن کان مٿي گولي لڳي ھئي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج لاء  منتقل ڪيو ويو، جتي گھڻو رت وھڻ ڪري فوت ٿي ويو فوتي جو لاش ايمبولينس ذريعي دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ طالب مري آندو.