دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري باءِ پاس تم نبوت چوڪ وٽ 3 ڄڻن کي مبينا طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف خاصخيلي برادري جي عرض محمد خاصخيلي، ھارون خاصخيلي، علي اصغر خاصخيلي، نديم خاصخيلي، يونس خاصخيلي ۽ ٻين پاران  نوشھرو فيروز_ نواب شاھ روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته ٽائون چيئرمين پوليس معرفت عبدالحفيظ خاصخيلي، عبدالعزيز خاصخيلي ۽ عبدالحميد خاصخيلي کي گرفتار ڪرائي گم ڪري ڇڏيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کنڀيل نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي،  واضح رھي ته ٽائون چيئرمين ۽ خاصخيلي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان تڪرار ھلندڙ آھي.