داد لغاري (ن پ ا) داد لغاري ٿاڻي تي جي ڊي اي جي ڪارڪنن مٿان اغوا ۽ ڦر جا  2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا. يوسي داد لغاريءَ جي پ پ اميدوار  منير لغاريءَ جي فرياد تي نظر علي، محمد علي، احمد لغاري، نثار احمد سميت 8 ڄاتل ۽ 12 اڻ ڄاتل ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر موقف ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڏھاڙي جي ڊي اي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن رستو روڪي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 50 ھزار رپيا ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ٻئي ڪيس جي فريادي غلام نبي لنڊ ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان اليڪشن ڏھاڙي رزلٽ پڇا ڪري پولنگ اسٽيشن ڇاندڻ شريف کان واپس اچي رھيا ھئاسين ته جي ڊي اي اڳواڻ نادر اڪمل لغاري جي سيڪريٽري شريف الله لغاري ۽ عبدالوحيد لغاري سميت ڇهن جوابدار رستا روڪ ڪري قتل ڪرڻ جي ارادي سان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دانھون ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا.