دادو ( رپورٽر ) ڪاڇي جي ڳوٺ هيرو خان جي سرڪاري زمين تي تلاء ۽ قبرستان جي سرڪاري زمين تي بااثرن پاران قبضا ڪرڻ خلاف عنايت علي لغاري حاجي بشير لغاري ۽ حيات لغاري جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ ڳوٺاٺڻ دادو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو. هنن دانهيو آهي ته بخشل لغاري ، حاجي ڪمال تلاء ۽ قبرستان جي7 ، ايڪڙ زمين تي زبردستي قبضو ڪيو آهي ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي.