دادو (رپورٽر ) دادو ۾ مبينا پوليس مقابلن ۾ 2 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، بي سيڪشن پوليس موجب دڙو لنڪ روڊ تي مقابلي دوران جوابدار  فاروق پٽ بخشل خشڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار جا 2 ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،  ٻئي طرف اي سيڪشن پوليس جو چوڻ هو ته آءِ  بي اي ڪاليج ڀرسان مقابلي دوران  اعجاز پٽ حيات لغاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ٻنهي جوابدارن جي قبضي مان پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن، گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف  اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن پوليس پوليس مقابلي ۽ 13 ڊي جا الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن. پوليس  موجب گرفتار ٻنهي جوابدار کي سول جج دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،  عدالت ٻنهي زخمين کي جيل ڪسٽڊي حوالي ڪيو آهي.