دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو شهر جي جوهي موڙ وٽ شرپسندن پاران جهيڙو ڪري هزارين شهرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪندڙ سبيل کي بند ڪرائي ڇڏيو آهي، شهر جي جر جو 80 سيڪڙو پاڻي ۾ زهريلو مادو سينکيو مليل هئڻ ڪري هزارين شهري جوهي باءِ پاس وٽان سبيل تان پاڻي ڀريندا آهن، چنگچي رڪشائن، گڏھ وارا جهرين ۾ پاڻي ڀري گهرن ۽ دڪانن ۾ پهچائيندا آهن، اڱاري جي رات جو خيراتي سبيل تي پاڻي ڀرڻ تان جهيڙو ٿي پيو، رڪشائن تي پاڻي ڀريندڙن پاران هڪ ٻئي سان منهن ماري ڪرڻ بعد سبيل لڳائيندڙ شاپنگ سينٽر جي مالڪ عبدالغفار ٻٻر ۽ سندس پٽن، ملازمن سان جهيڙو ڪيو ويو، جهيڙي کانپوءِ سبيل کي بند ڪيو ويو آهي. سبيل هلائيندڙ پاران احتجاجي بينر هڻي ڇڏيو آهي، سبيل بند ٿيڻ ڪري هزارين شهرين کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي، لاڙڪاڻو کان ڪراچي، حيدرآباد ايندڙ ويندڙ ڪوچن، وينن جي مسافرن، ٽرڪن ڊرائيورن ۽ دادو واسين توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کي ٿڌو پاڻي پيارڻ وارو عمل رڪجي ويو آهي، مسافر توڙي عام ماڻهون شديد گرمي ۾ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي لاءِ  سخت پريشان نظر اچي رهيا هئا، وڏي انگ ۾ چنگچي رڪشا ، گڏھ گاڏن سان گڏ وڏي انگ ۾ شهري جيپن ، موٽر سائيڪلن ۽ سائيڪلن تي پاڻي ڀرڻ لاءِ  ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪندا رهيا پر آخري اطلاعن تائين پاڻي فراهمي بند پيل هئي، شهرين نويد علي، محمد پريل، قاسم، ذيشان ۽ ٻين دانهيو آهي ته هو هن سبيل تان گڏھ گاڏن ، چنگچي رڪشائن ذريعي پاڻي جون جهريون ڀري سڄي شهر ۾ گهرن ، دڪانن تي پاڻي پهچائيندا آهن، دادو شهر جي جر جو پاڻي خراب هئڻ ۽ واٽر سپلاءِ جو پاڻي فراهم نه ٿو ڪيو وڃي. هو هن سبيل تان پاڻي ڀريندا آهن.  عبدالغفار ٻٻر ماهوار لکين رپيا بجلي جو بل ڀريندو آهي، سبيل لاءِ 5 روٽر موٽر، ٿڌي پاڻي لاءِ  4 ڊسپنسر لڳل آهن، ملازم رکيل اٿس ، اهڙي سماجي ڪم ڪندڙ کي  سبيل هلائڻ به نه ٿي ڏني وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته سبيل هلائيندڙ سان جهيڙو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ سبيل تي سيڪيورٽي مقرر ڪري پاڻي فراهمي کي کولرايو وڃي.

ڪروڙين رپيا بجيٽ باوجود هفتن جا هفتا واٽر سپلاءِ جو پاڻي بند

دادو: دادو جي شهرين کي پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي بجيٽ ملڻ باوجود ميونسپل توڙي پبلڪ هيلٿ انتظاميا شهرين کي واٽر سپلاءِ جو پاڻي فراهم نه ڪري سگهي، هفتن جا هفتا واٽر سپلاءِ جو پاڻي بند هئڻ جون شڪايتون عام ٿي ويون آهن.

 

اسان کي نيڪي جو ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي: ٽانڪي مالڪ

دادو: سبيل هلائيندڙ عبدالغفار ٻٻر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هي سبيل امام حسين عليه اسلام جي نالي سان منسوب آهن، گهرن، دڪاندارن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ موٽر لڳل آهن، ڪوچن ، وينن ، ڪارن تي سفر ڪندڙ مسافرن ۽ راهگير ڳوٺاڻن شهرين ٿڌو پاڻي پيارڻ 4 ، اسپلٽ لڳل آهن ، 3. ملازم رکيل آهن ، مسافرن کي ڪوچن ، وينن ۾ پاڻي پياريندا آهن، هر مهيني 4 لک 60 هزار روپيا بجلي جو بل ادا ڪندو آهيان پر اسان کي نيڪي جو ڪم ڪرڻ نه ڏنو وڃي، هفتو اڳ هڪ ڀنڊ برادري جو همراھ جهيڙو ڪري ، وري اڱاري جي رات پنهور برادري جي رڪشا وارن منهنجي پٽن ، ملازمن سان جهيڙو ڪيو آهي ، ايس ايس پي دادو سان شڪايت ڪرڻ باوجود سيڪيورٽي نه ملڻ سبب سبيل بند ڪئي آهي.