دادو (رپورٽر ) وومين پروٽيڪشن سيل جي ڀت سان گڏ ۽ ڊي سي آفيس روڊ وٽان 40 سالن جي اڌڙوٽ جو لاش هٿ آيو آهي ، جنهن جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين نٽهڻ اس تي پيل هئو، شهرين جي اطلاع تي پوليس لاش کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو،  هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ، ڊاڪٽر عتيق الرحمان جانوري موجب فزيڪلي طور تي فوتي جي جسم تي تشدد وغيره جو نشان نه هو ، جڏهن ته سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري پوليس تدفين لاءِ  لاش ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪيو آهي.