دادو (رپورٽر ) دادو ڀرسان هيتم جتوئي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان واٽر ڪورس جي موري مان نوجوان جو ڳلو ڪپيل ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو آهي، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي شهيد مخدوم بلاول پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ڪڍڻ جي ڪئي پر لاش موريءَ ۾ ڦاٿل هئڻ سبب ميونسپل ملازمن کي طلب ڪيو ، جنهن کان لاش ڪڍي اسپتال پهچايو ، ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب لاش 3 کان 4 ڏينهن پراڻو آهي ، جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.