دادو (رپورٽر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ سيتا ڀرسان ڳوٺ نوت خان ٻگهيو ۾ سال 2012 ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل ظفر ٻگهيو جي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 4 جوابدارن اعجاز ٻگهيو، بشير، مريد ۽ نوت ٻگهيو کي عمر قيد ۽ هڪ، هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ٻڌايو آهي. عدالت پاران جوابدارن
کي سزا ٻڌائڻ بعد هٿڪڙيون لڳائي سخت سيڪيورٽي ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد نيو ويو ، سزا ٻڌايل جوابدارن خلاف سيتا ٿاڻي ڪيس داخل ٿيل هو.