دادو: زنده ساڙي ماريل ٻن همراهن کي دفنايو ويو، ڪا گرفتاري نه ٿي!

0
489

دادو: ڪراچي جي لاسي ڳوٺ ۾ پيش آيل افسوس ناڪ واقعي ۾ باهه ڏيئي ساڙي ماريل محمد وارث ۽ گل محمد پنهور جا مڙهه ڳوٺ گاجي پنهور ۾ دفنايا ويا. فوتي محمد وارث جي ڀاءُ چيو ته ڀاءُ محمد وارث جي چاچي وليداد جي ڌيء ماريا سان 4 سال اڳ شادي ٿي هئي، ماريا کي بعد ۾ پيءُ پنهنجي گهر وٺي ويو، وليداد ڌيء جو ڏاج واپس ڪرڻ لاءِ ڀاءُ کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ هفتو اڳ پٽن ۽ ٻين نامعلوم ماڻهن سان گهر ۾ گهڙي حملو ڪيو ۽ گهر ڀاتين کي هڪ ڪمري بند ڪري ڪيميڪل اڇليو جنهن مان ڪمري کي باھ وڪوڙي وئي. هن چيو ته محمد وارث ۽ گل محمد هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿيا، 5 ڪلاڪن تائين ليٽر نه ڏيڻ سبب لاش اسپتال ۾ پيل رهيا ، اسپتال انتظاميا جي رابطي بعد پوليس پهچي ليٽر ڏنو جنهن کانپوء لاش کڻائي ڳوٺ دفنايو آهي. فوتي جي ڀاءُ الزام هنيو ته وليداد رٽائرڊ اهلڪار ۽ سندس پٽ زاهد پوليس ڪانسٽيبل هئڻ ڪري پوليس کين گرفتار نه ٿي ڪري، هن چيو ته اسان جا 5 ماڻهو رضوان ، غلام رسول ، غلام رسول جي زال ارشاد بيگم ، سندن ڌيء سپنا ۽ عمران سڙي زخمي ٿيل آهن جيڪي ڪراچي اسپتال ۾ داخل آهن ، هن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث وليداد ، سندس پٽن شاهد الله ، زاهد ۽ ٻين کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.