دادو جي شهرين ۽ مسافرن کي پيئڻ جو صاف ۽ ٿڌو پاڻي فراهم ڪندڙ سماجي اڳواڻ سبيل بند ڪري ڇڏي

0
62

دادو جي شهرين ۽ مسافرن کي پيئڻ جو صاف ۽ ٿڌو پاڻي فراهم ڪندڙ سماجي اڳواڻ سبيل بند ڪري ڇڏي

 خيراتي سبيل هلائيندڙ عبدالغفار ٻٻر جو چوڻ آهي ته بااثر جوابدارن منهنجي پٽن ملازمن تي حملو ڪيو، پوليس تحفظ فراهم نه پئي ڪري

 شاپنگ سينٽر جي مالڪ عبدالغفار چيو ته دادو شهر جا ماڻهو اسان جي سبيل مان روز پاڻيءَ جا ڪولر ۽ ٽينڪيون ڀرائي وڃن ٿا، منهنجا ملازم شهر مان گذرندڙ بسن ۽ ڪوچز جي مسافرن کي روز ٿڌو پاڻي پيارين ٿا

هن چيو ته پنهنجي کيسي مان لکين روپيا خرچ ڪري سبيل هلايان ٿو ۽ بجليءَ جا ڳرا بل به ڀريان ٿو، نيڪيءَ جو ڪم ڪرڻ باوجود اسان کي ڪو به تحفظ حاصل نه آهي

هن چيو ته بااثر ۽ ڏوهاري ماڻهو تنگ ڪن ٿا، روز هتي جهيڙا ڪري وڃن ٿا، خيراتي سبيل بند ٿيڻ سبب دادو جا هزارين شهري پريشان، شهرين پاران سماجي اڳواڻ کي تحفظ فراهم ڪري سبيل کولرائڻ جي اپيل ڪئي وئي