دادو (رپورٽر) بلوچستان کان ٻوڏ جي پاڻي ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاھ جي سوين ڳوٺن ۾ تباهي مچائڻ سبب 40 هزار کان وڌيڪ خاندانن پاران جانيون بچائي دادو شهر ۽ دادو- لاڙڪاڻو انڊس هاءِ تي پناھ ورتي آهي، هزارين خاندان شديد گرمي ۾ نٽهڻ اس تي کلي آسمان هيٺ، وڻن جي ڇانو ۽ ڪکايون جهوپڙيون اڏي ويٺل آهن ۽ انتهائي حد کان وڌيڪ اذيتن واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، انڊس هاءِ وي تي ويٺل ٻوڏ متاثر ٽينٽن ، راشن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي ڍڪ لاءِ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.