خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڪاليج سائيڊ ۽ پرائمري استادن پروموشن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي الطاف سهتو، صديق ابڙو، قمر الزمان ڏهر، نذير شر، عنصر ٻانڀڻ ۽ ٻين چيو ته گورنمينٽ استادن کي 50 سيڪڙو پروموشن ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جنهن تي عمل نه پيو ٿئي، هنن چيو ته اسان ٻن سالن کان پروموشن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون پر اڃا تائين پروموشن نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري پريشان آهيون، هنن الزام مڙهيو ته پروموشن لاءِ استادن کان رشوت گهري پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پروموشن وارو مسئلو حل ڪيو وڃي.