خيرپور (رپورٽر) خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ سگهڙ ڪچھري منعقد ڪئي وئي، جنھن جي صدارت سگهڙ غلام شبير عباسي ڪئي، جڏھن ته مختيار ملڪ، مسرت حسين منگي، خاوند ڏنو لاڙڪ، نظر محمد ڳاھو، سانول ڳاھو، علي گل گاڏھي، حفيظ الرحمان مھيسر، حاڪم علي رند، اخترکوکر خاص مهمان ھئا، ان موقعي تي مختيار ملڪ خطاب ڪندي چيو ته سگهڙائپ جو فن نج سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو، سگهڙن وٽ علم ۽ ڏاھپ جو ڀنڊار آھي، جيڪو ڳجھارتن ۽ ڏور بيتن ۾ ظاھر آھي، نظر محمد ڳاھو چيو ته خيرپور سگهڙائپ جي فن ۾ پوري سنڌ ۾ تمام گهڻو مشھور آھي، مسرت حسين منگي چيو ته سگهڙن جا پروگرام ريڊيو پاڪستان خيرپور تي باقائدگيءَ سان ٿين ٿا ۽ پوري سنڌ ۾ اھي مشھور آھن، سانول خان ڳاھي چيو ته خيرپور آرٽس ڪائونسل سگهڙن جي فن کي ترقي ڏيارڻ ۾ ھميشه پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي، خاوند ڏنو لاڙڪ چيو ته لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ لوڪ ادب تي تحقيق طور تمام گهڻو ڪم ڪرايو آھي، مھمان سگهڙن غلام شبير عباسي ۽ علي گاڏھي پھاڪن تي مشتمل بيت ۽ ڳجھارتون پيش ڪيون، جڏهن ته ڪچهري ۾ محرم اڄڻ، امام ڏنو مھراڻي، فياض مھيسر، مدد علي خاصخيلي، محمد نواز ٽالپر، حضوربخش چانگ، ولي محمد ڀٽي، محمد امين ڦلپوٽو، حبيب الرحمان مھيسر، لطيف الرحمان مھيسر، علي حسن سولنگي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.