خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ سيپڪو طرفان بجلي چورن خلاف آپريشن ڪري بنا ميٽر هلندڙ سوين ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا، 5 واپڊا ملازم معطل، خبر موجب سيپڪو ٽاسڪ فورس خيرپور جي اوستا گاهي، ڏٻر، پنجهٽي، ذوالفقار ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ آپريشن ڪري سوين ڪنڍا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا، سيپڪو جي ملازمن 700 کان وڌيڪ ميٽر وارن طرفان لڳايل الڳ سان غير قانوني ڪنيڪشن به ڪاٽيا، هوڏانهن ايڊيشنل چيف انجنيئر آپريشن سرڪل سيپڪو سکر اعجاز احمد چنا هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي بجلي چوري ڪرائڻ جي الزام ۾ سيپڪو جي 5 ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو، معطل ڪيل ملازمن ۾ بخت الله ڏوگر، اشفاق جماڻي، امير حسين ميربحر، محمد رمضان ۽ نديم سولنگي شامل آهن.