خيرپور/ احمدپور (نمائندا) ھڪ سال اڳ احمدپور ۾ ڇھين ڪلاس جي شاگرد سان بدفعليءَ بعد وڊيو وائرل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت، عدالت جوابدار ۽ سھولت ڪار کي 10- 10 سال قيد ۽ ڏنڊ  جي سزا ٻڌائي ڇڏي. رپورٽ موجب خيرپور ۾ دھشتگردي جي انت واري عدالت (اي ٽي سي) گورنمينٽ هاءِ اسڪول احمدپور ۾ پڙهندڙ ڇھين ڪلاس جي شاگرد شاھزيب ولد ڪرامت لاڙڪ سان 2 مارچ 2021 تي بدفعلي بعد سندس وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي بعد ڪيس جي ڄاڻايل جوابدار ماستر ڪليم الله لاکو ۽ سندس سھولتڪار شاگرد سرمد لاڙڪ مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سخت پورهئي سان 10- 10 سال قيد ۽ 50- 50 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. جوابدارن ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ 6- 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندا. عدالتي فيصلي بعد جوبدارن کي پوليس جي سخت پھري ھيٺ سينٽرل جيل خيرپور اماڻيو ويو.