خيرپور/ پيرجوڳوٺ (نمائندن وٽان) انتظامي نااهلي سبب خيرپور ۽ پير جو ڳوٺ مان برسات ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ڪاروبار ۽ عام وهنوار سخت متاثر، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڪاروباري سرگرميون بحال نه ٿي سگهيون. خبر موجب خيرپور ۾ برساتي ٻوڏ بعد ميونسپل انتظاميا جي نااهليءَ سبب ضلعي هيڊڪوارٽر جي شاهي بازار، حيدري بازار، ايوب بازار، پنجگلا چوڪ، ڇٽي چوڪ، سوڪ سينٽر، رمضان شاهه سينٽر، ڪچهري روڊ، مال روڊ، اسٽيشن روڊ، گلستان ڪالوني، علي مراد پاڙي، نئون ڳوٺ، جيلاني پاڙي، اسٽاف ڪوارٽرز، چنا پاڙي سميت ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. ٻن هفتن دوران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي واپارين ۽ شهرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. هوڏانهن پيرجوڳوٺ مان پڻ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، شهر جي مختلف پاڙن سميت سرڪاري اسپتال ۾ پڻ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي. سالار پاڙي، ڪلري پاڙي، ڪنگري پاڙي، ڪچي آبادي سميت شهر جي رستن تي برساتي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل هجڻ ڪري شهري سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب هڪ هفتي کان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، شهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهر جي مختلف پاڙن سميت سرڪاري اسپتال مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.