خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گذريل ڏينهن ڪارنهن تڪرار تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل گل بيگ شيخ رات دير سان زخمن جا سُور نه سهندي سول اسپتال خيرپور ۾ فوت ٿي ويو. فوتي گل بيگ شيخ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل محمد نواز شيخ، اڏيل شيخ، شاهزيب شيخ ۽ گل بيگ شيخ جي جنازي نماز ڳوٺ ڪيهر شيخ ۾ ادا ڪرڻ بعد پوليس پھري هيٺ کين اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي جوابدارن جي گرفتاري  ٿي سگهي آهي، پوليس موجب ته  جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.