خيرپور پوليس معصوم ٻار علي رضا جي قتل ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدارن کي فُل فراءِ ڪري ڇڏيو

0
104
خيرپور پوليس معصوم ٻار علي رضا جي قتل ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدارن کي فُل فراءِ ڪري ڇڏيو
خيرپور پوليس معصوم ٻار علي رضا جي قتل ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدارن کي فُل فراءِ ڪري ڇڏيو

خيرپور پوليس معصوم ٻار علي رضا حاجاڻو جي وحشياڻي قتل ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدارن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو

ان سلسلي ۾  پوليس جو چوڻ آهي ته مک جوابدارن مرتضيٰ ڪريم وساڻ ۽ پرويز حاجاڻو جي ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ موجودگي جو ڳجهو مليو

پوليس عملدارن موجب پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پهتي ته هُنن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻئي مک جوابدار مارجي ويا

پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ پسٽل به هٿ ڪيو آهي، ٻنهي جوابدارن نينگر کي قتل ڪيو هو

ياد رهي ته جوابدارن معصوم ٻار علي رضا حاجاڻو کي قتل ڪري سندس لاش کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو هو، معصوم جو ڪپڙن کان آجو ۽ ڳڀا ڳڀا ٿيل لاش مليو هو، والدين کي اڃا تائين بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن

ايس ايس پي خيرپور پاران مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم لاءِ 5 لک روپين جي انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي فل فراءِ ڪيل  هڪ ڳوٺاڻي جو لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، حاجاڻا برادري جي ماڻهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل پرويز جو لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

ڪوٽڏيجي رات دير سان معصوم نينگر علي رضا حاجاڻو  جي قتل ۾ملوث ڄاڻي مقابلي ۾ ماريل پرويز حاجاڻو جي وارثن پاران پوليس مقابلي کي ڪوڙو مقابلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي

پوليس طرفان مارجي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪوٽڏيجي پوليس اسان جي نوجوان کي گهران گرفتار ڪري وئي هئي، پوليس چيو ته اسان جاچ ڪيون ٿا ۽ رات جو مقابلو ڏيکاري اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي