خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پلھه مائينر وٽ سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري 80 لک رپين جي ماليت جو 50 ڪلو چرس هٿ ڪري  2 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو، خبر موجب ٻٻرلوءِ ڀرسان پلهه مائينر وٽ سي آءِ اي ڪارروائي ڪري ڪار مان 50 ڪلو چرس هٿ ڪري ٻن جوابدارن ذوالقرنين حيدر ۽ فضل فريد کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار چرس فيصل آباد کان ڪراچي کڻي وڃي رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.