خيرپور(رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ انٽر ڪلاس بيڊمنٽن ٽورنامينٽ منعقد ٿيو. ٽورنامنيٽ ۾ بي ايس سال چوٿين جي شاگردن اسد ۽ صمد بي ايس سال ٽين جي شاگردن عاقب علي ۽ نعمان کي 13-15 کان شڪست ڏني. پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته ڪورونا وائرس ۾ گھٽتائي اچڻ بعد شاگردن جو راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سٺو سنوڻ آهي.