خيرپور (رپورٽر) خيرپور لڳ ڳوٺ ٽنڊو نظر علي ۾ اڻ ڄاتل جوابدار ڀتو نه ڏيڻ تان عنايت الله مري جي کجين جا گوشا وڍي فرار ٿي ويا، آبادگارن عنايت مري، قربان علي، اسد، ربنواز مري، توقير علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اڻ ڄاتل جوابدارن ڀتي لاءِ چٺيون موڪليون هيون، ڀتو نه ڏيڻ تان لکين رپين جو نقصان ڪيو ويو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو  ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.