خيرپور (رپورٽر) روهڙي ڪينال ۾ ٽي ڏينهن اڳ ٻڏي ويل معصوم نينگر جو لاش هٿ اچي ويو. خبر موجب ٽي ڏينھن اڳ خيرپور ڀرسان ڳوٺ وڏيرو ڇٽل لولائي ۾ بيگماجي پل وٽان راند ڪندي روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل 5 سالن جي معصوم ٻارڙي جابر لولائي جو لاش هالاڻي ڀرسان جهالي مان هٿ آيو. نينگر جو لاش ملڻ واري اطلاع تي وارث هالاڻي پهچي نينگر جو لاش ڳوٺ وڏيرو ڇٽل لولائي ۾ سندس گهر کڻي آيا ته ڪهرام مچي ويو ۽ نينگر جي امڙ صدمي ۾ بيهوش ٿي وئي.