خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ خان محمد شر ۾ هڪ مهينو اڳ طلاق ڏنل ناري ماهه نور شر کي اڳوڻي مڙس جامين شر طرفان پنهنجي ڀائرن علي بخش، ساجد ۽ ناظم شر سان گڏجي ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رڙين تي پاڙي وارن پهچي کيس بچائي ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري جي اڳوڻي مڙس جامين شر پنهنجي ڀائرن سان گڏ هٿيارن جي زور تي طلاق ڏنل زال جي والد اربيلو شر جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي ماهه نور کي ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته جوابدارن پاران ناري ماهه نور کي رسن سان ٻڌي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته کيس پئسن عيوض ڪچي جي ڀوتارن کي وڪرو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ناري وجهه وٺي احمدپور ٿاڻي تي تحفظ لاءِ پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر برادري جي ماڻهن کيس پڪڙي ڪمري ۾ رسن سان ٻڌي ڇڏيو آهي، اهڙو اطلاع ملڻ تي احمدپور پوليس ناري کي بازياب ڪرائڻ ڳوٺ خان محمد شر پهتي جتي علائقي جي بااثرن پوليس سان ناريءَ جي قتل جي هڪ لک رپين ۾ ڊيل ڪري ورتي آهي ۽ پوليس هڪ لک رپيا وٺي واپس ٿاڻي تي رواني ٿي وئي.