خيرپور (رپورٽر) عدالت طرفان ننڍي عمر جي تصديق لاءِ دارالامان اماڻيل خيرپور جي  نارائي پاڙي لقمان جي رهواسڻ ناري مسمات عنايتان زال محمد صديق سومرو بابت عدالتي حڪمن تي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ناريءَ  جي عمر 20 سال هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ان بعد عدالت مسمات عنايتان کي پنهنجي مڙس محمد صديق سومرو سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن خيرپور جي سيشن ڪورٽ ۾ جوڙي پاران داخل ڪرايل آئيني پٽيشن ڳوٺ واويڙي جي رهواسي غلام اڪبر، غلام علي، سڪندر علي عرف ڊرائيور، گل محمد، لال ڏنو سومرو، بي سيڪشن ۽ صالح پٽ جي ايس ايچ اوز کي نوٽيس ڏيندي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.