خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ميرواهه ٿاڻي تي درج قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، جنهن دوران مقتول عبدالحميد ولد ظهيرالدين شر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر غير حاضر هجڻ سبب ٻڌڻي ٻِي حاضريءَ تائين ملتوي ڪندي عدالت ڊي ايچ او خيرپور کي ليٽر جاري ڪري حڪم ڏنو ته ڊاڪٽرن ڊاڪٽر سجاد علي شر ۽ ڊاڪٽر ماجد علي ڪٻر کي ايندڙ شنوائي تي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.