خيرپور (رپورٽر) فرسٽ سول جج خيرپور جي عدالت اي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل جيلاني پاڙي خيرپور جي رهواسي امتياز عرف لاتي ولد اعجاز لوڌي خلاف قلم 87/88 جي ڪارروائي ڪندي کيس اشتهاري قرار ڏئي مختيارڪار خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.