لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ ) پاڪستاني آل رائونڊرز شاداب خان کي لنڪا پريميئر ليگ ۾ سٺي ڪارڪردگي سوشل ميڊيا تي شئير ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو . ڪرڪيٽ شوقينن شاداب خان کي سندس پوسٽ تي تبصرا ڪري ياد ڏياريو ته تازو ئي ختم ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ سندس انفرادي ڪارڪردگي وسارڻ جوڳي ناهي. واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024 ۾ شاداب خان جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ رهي، ۽ پاڪستاني ٽيم پهرئين رائونڊ ۾ ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي هئي. شاداب خان اڄڪلهه لنڪا پريميئر ليگ کيڏي رهيو آهي جتي هڪ ميچ ۾ هيٽ ٽرڪ ڪئي جنهن کانپوءِ پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽ پڻ شيئر ڪئي. مداحن طرفان سندس پوسٽ تي ناڪاري تبصرا ڪيا ويا ۽ کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. هڪ واهپيدار لکيو ته اوهان کي ليگز ئي کيڏڻ گهرجي، مهرباني ڪري عالمي ڪرڪيٽ نه کيڏو. هڪ صارف تبصرو ڪندي سوال ڪيو ته شاداب خان! اوهان جي ڪارڪردگي جو هاڻ ڇا ڪريون؟ شاداب خان جي پوسٽ هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته اوهان کي پنهنجي معيار جي ڪرڪيٽ ملي وئي، جڏهن ته صارف لکيو ته خوش ته ائين ٿي رهيو ڄڻ ورلڊ کٽي آيو هجي. هڪ ٻئي اڪائونٽ تان شاداب خان کي عالمي ڪرڪيٽ بدران ليگ ڪرڪيٽ جو رانديگر قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته شاداب خان ڪولمبو اسٽرائيڪر جي نمائندگي ڪندي ڪينڊي فالڪنز خلاف هيٽ ٽرڪ ڪئي هئي.