کپرو (ن پ ا) اڳوڻي تعلقي ناظم ۽ حر جماعت جي اهم اڳواڻ خدا بخش درس ۽ سندس گارڊ خالقڏنو درس جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس ٻن ڄوابدارن جي  گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي، جنهن ڪري حر جماعت جي ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، ڪيس جي فريادي رستم درس موجب پوليس ۽ پ پ جا اڳواڻ قاتلن جي ڌر بڻيل آھن، جنهن ڪري انهن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته پوليس جوابدار ڌر کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي، پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس آھيون، جوابدارن کي ضمانت جو موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن کاهي پوليس جو چوڻ آهي ته پ پ جي اهم مقامي اڳواڻن باقي رهيل جوابدار پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، هوڏانهن پوئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه خليفو دودو انڙ، فقير الياس منڱريو، صوبائي وزير دوست علي راھمون، ملڪ ذوالفقار شوقين، ارشد علي، فقير عنايت ٻرڙو، امتياز علي چانھيون، خالد سراج سومرو، نانو غلام دستگير راڄڙ، شير  علي وساڻ، چراغ ھنڱورو، ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ڪشن چند پارواڻي، نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي، جڏهن ته حاجي خدا بخش درس جو ٽيجهو اڄ ٿيندو، جنهن ۾ سندس پٽ قلندر بخش درس کي پڳ ٻڌرائي ويندي.