سانگهڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) اڳوڻي تعلقه ناظم ۽ حر جماعت جي اهم اڳواڻ خدابخش درس جو ٽيجهو، پٽ کي پڳ ٻڌرائي وئي، پوليس رهيل جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، گرفتار 2 جوابدار عدالت پيش، 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، خبر موجب اڳوڻي تعلقه ناظم ۽ حر جماعت جي اهم اڳواڻ خدابخش درس جو ٽيجهو ڳوٺ حمزو درس ۾ ٿيو، جنهن ۾ سندس پٽ قلندر بخش درس کي پڳ ٻڌرائي وئي، ٽيجهي جي رسم ۾ حر جماعت جي خليفن سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پڳ جو پھريون ور حر جماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش منڱريو ڏنو، جڏهن ته فيصلا ڪاميٽي چيئرمين حاجي پير بخش جوڻيجو، خليفو محمد رحيم ھنڱورو، خليفو محمد يعقوب راڄڙ، خليفو ولي محمد پھوڙ، خليفو لال بخش احمداڻي ۽ ٻين پڻ ور ڏنا، جڏهن ته ان موقعي تي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه، اسد علي جوڻيجو، حاجي خدا بخش راڄڙ، غلام دستگير راڄڙ، خان محمد هنڱورجو سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.هوڏانهن کاهي پوليس قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن صحبت علي ۽ گل محمد مري کي کپرو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت وڌيڪ 4 ڏينهن جي رمانڊ تي 6 جولاءِ تائين جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

خدا بخش درس جي شھادت جي خبر ٻڌي گھڻو ارمان ٿيو: پاڳارو

سانگهڙ: اڳوڻي تعلقه ناظم خدا بخش درس جي قتل تي حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري طرفان تعزيتي پيغام موڪليو ويو، جيڪو چيف خليفي پڙھي ٻڌايو، تعزيتي پيغام ۾ پير پاگاري چيو ته حاجي خدا بخش درس جي شھادت جي خبر ٻڌي اسان کي گھڻو ارمان ٿيو آھي، واقعي تي اوھان سان دلي ھمدردي ڪندي دعا ٿاگھرون ته الله تعالي مرحوم کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

 

آءِ جي نوٽيس ورتو: قتل تي جشن ملهائيندڙ 29 ڄڻن تي ڪيس

سانگهڙ: فنڪشنل ليگ اڳواڻ خدابخش درس کي قتل ڪرڻ بعد جوابدارن پاران جشن ملهائڻ واري وڊيو جو آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي ڇڏيو، کاهي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 17 نامزد جوابدارن سوڌو 29 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ گل محمد مري، سھراب، ذوالفقار، شھبيگ، سانوڻ، صدام، آچر، انور، مير محمد، الھڏنو، عبدالقادر۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جن مان پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

 

فنڪشنل ليگ پاران قاتل پڪڙڻ لاءِ 2 ڏينهن مهلت: حڪمت عملي جوڙينداسين: سردار رحيم

سانگهڙ: فنڪشنل ليگ سنڌ جي اڳواڻ سردار رحيم چيو آهي ته سياسي پٺڀرائي حاصل هئڻ سبب پوليس هڪ به مک جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ھن چيو ته حاجي خدابخش درس پارٽي جو اثاثو ھو، جنھن جو خال ڀرجي نه سگھندو، هن چيو ته جيڪي گرفتار 2 جوابدار ظاهر ڪيا پيا وڃن انهن به پاڻ پيش ٿي گرفتار ڏني آهي پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هن چيو ته ٻن ڏينهن ۾ خدا بخش درس جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.