خانپورمھر (ن پ ا) ماٿيلو مومل جي ماڙي جي مهر ۽ لغاري برادري ۾ 48 سال کان 9 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو خانڳڙھ جي گوهر پئليس ۾ جي ڊي اي ايم اپي اي سردار علي گوھر خان مھر جي سرپئنچي ۾ ٿيو.لغاري برادري طرفان فتح علي لغاري ۽ علي حسن لغاري سميت ٻين چڱن مڙسن ۽ ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي. جڏهن ته مهر برادري طرفان مولا بخش مهر امين طور ۽ مهر ڌر جي ٻين چڱن مڙسن پڻ شرڪت ڪئي. نبيري دوران لغاري برادري جا ٽي خون عبدالمجيد لغاري، الھداد لغاري، ميوو خان لغاري ۽ ھڪ زخمي ميھر خان لغاري مهر برادري مٿان ثابت ٿيا ۽ مھر برادري جو ھڪ خون شھداد مھر لغاري برادري تي ثابت ٿيو، مجموعي طور ٻنهي برادرين تي ھڪ زخمي سميت چار خون ثابت ٿيا في خون 10 لک رپيا جڏهن ته ھڪ زخمي جا ٻه لکن سميت چار خونن جو مجموعي طور42 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، هڪ خون خون ۾ پاڙيو ويو جڏهن ته مهر برادري باقي 32 لک روپيه لغاري برادري کي قسطن ۾ ڀري ڏيندي مهر برادري 6 لک رپيه موقعي تي ادا ڪيا، جڏهن ته تڪراري زمين ساڍا نو ايڪڙ ٻنهي ڌرين ۾ ورهائي وئي ۽ ڌرين کي هڪ ٻئي جا ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ ڪا به اڳرائي نه ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو. اهڙي نبيري بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.