خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ولو دڙي واسي اغوا ٿيل ٻن ڀائرن سميت ٽن مغوين تي ڌاڙيلن جو وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل، خبرموجب ڳوٺ ولو دڙي واسي 3 هفتا اڳ اغوا ٿيل ٻن ڀائرن جاويد گبول، خالد گبول ۽ فرمان گبول کي ڌاڙيلن وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي وڊيو ڏوهارين مغوين جي وارثن ڏانهن اماڻي آهي، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل ٽنهي مغوي نوجوانن کي زنجيرن سان ٻڌي مٿن وحشياڻو تشدد ڪري رهيا آهن، تشدد دوران ٽئي نوجوان دانهون ڪري رهيا آهن ۽ وارثن کي ڀنگ جي رقم ڏيڻ لاءِ التجائون ڪري رهيا آهن، واضح رهي ته ٽئي نوجوان ٽن هفتن کان ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن ۽ سندن بازيابي لاءِ 50 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، مغوين جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته سندن نوجوانن کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ڪنڌڪوٽ پوليس پاران 2 مغوي آپريشن ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻئي ڏينهن به پوليس سان گڏ رينجرز آپريشن ڪري ڀيو گينگ جي ٿاڪن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڏوهاري پنهنجا ٿاڪ ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هوڏانهن پوليس آپريشن دوران تنگواڻي ڀرسان ڊيراسرڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خان محمد گجراڻي مان 12 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل حبيب الله ڏاھاڻي ۽ حبيب الله گجراڻي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي جو چوڻ هو ته انڊس هاءِ ويز تي وڏي نفري مقرر ڪئي آھي، ڪچي طرف اچ وڃ واري ھنڌن کي مڪمل سيل ڪري پوليس پڪٽون قائم ڪيون  آھن. ڀيو گينگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.پوليس ترجمان موجب مارجي ويل ڏوهاري سائينداد عرف موالي ڀيو اغوا ٿي ويل 3 هندو واپارين جي اغوا جو ماسٽر مائينڊ هو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڏوهارين دراني مهر ٿاڻي جي حد ددڙ پوليس پڪٽ تي حملو ڪري 2 پوليس جوانن کي شهيد ۽ اي ايس آءِ سميت 2 ڄڻن کي زخمي ڪيو هو.

 

ڏهرڪي مان گم ٿيل 2 نوجوان ڌاڙيلن وٽ قيد: تشدد، وڊيو وائرل

ڏهرڪي (ن پ ا) ٻه هفتا اڳ ڏهرڪي مان گم ٿيل ٻن سئوٽ نوجوانن جي ڌاڙيلن وٽ قيد هجڻ ۽ تشدد واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، خبر موجب ٻه هفتا اڳ ڳوٺ ڪنڍو ڪوڀر جا ٻه سئوٽ نوجوان آصف ۽ مشتاق ڪوڀر گم ٿي ويا هئا، جنهن بعد وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ وارثن ڏانهن هڪ ڪروڙ ڀنگ لاءِ فون ڪال پڻ ڪئي وئي هئي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان وارثن کي انڪار ڪري ڇڏيو هو، گذريل ڏينهن ٻنهي نوجوانن جي ڌاڙيلن وٽ قيد هجڻ ۽ تشدد واري وڊيو وائرل ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ مغوي پنهنجي وارثن کي ڀنگ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندي نظر اچن ٿا.

 

غوثپور جي ڪچي ۾ آپريشن دوران گولي لڳڻ سبب عورت مارجي وئي

غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو قمبراڻي لاڙو وٽان اغوا ٿي ويل ٽن واپارين جي بازيابي لاءِ دراني مھر جي ڪچي ۾ پوليس پاران شروع ڪيل آپريشن دوران رولو گولي لڳڻ سبب ڳوٺ غلام رسول ڀيو جي رھواسڻ صدوران خاتون مارجي وئي. وارثن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته پوليس آپريشن دوران گھر اندر ڪم ڪندڙ عورت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته سور نه سھندي دم ڏنو. هنن چيو ته غريب آھيون ڏوهارين سان واسطو ناھي نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ انصاف خاطر عدالتن  جو در کڙڪايو ويندو ٻئي طرف انھي معاملي تي پوليس کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پوليس موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان: ڪاميٽيون قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) 4 آگسٽ تي پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، مرڪزي تقريب جا انتظام سنڀالڻ لاءِ ڪاميٽيون قائم، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ يوم شهداءَ پوليس ملهائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي سطح تي ٿيندڙ تقريب جا انتظام سنڀالڻ لاءِ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون. آءِ جي سنڌ چيو ته تقريب ۾ سمورن شهيدن جي وارثن کي گهرايو ويندو

شڪارپور ۾ مغوي  واپاري جي بازيابي لاءِ آپريشن، 8 شڪي گرفتار

مٽياري (رپورٽر) اڏيرولال مان اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار جي بازيابي جي لاءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد ريجن طارق رزاق ڌاريجو جي اڳواڻيءَ ۾ شڪارپور لڳ شيخ فارم ۽ ٻين علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اغوا ڪارن جي گهرن کي باهيون ڏنيون ويون آهن، مختلف هنڌن تان گرفتاريون پڻ ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ اٺ کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، آپريشن جي اڳواڻي ڊي آءِ  جي حيدرآباد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ضلعي مٽياري پوليس اٽالا ۽ ٽنڊوالهيار، ڄامشورو ايس ايس پي به شامل آهن، ياد رهي ته 16 ڏينهن اڳ اڏيرو اسٽيشن کان حيدرآباد ويندي واپاري نريش ڪمار سيکاٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويو هو جنهن جو ڪيس سيکاٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جي دعويٰ آهي ته جلد ئي نريش جي بازيابي جي خبر اچي ويندي.