ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار سنڌ ها ڪورٽ ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن پاران وڪيلن کي ڏنل ڌمڪين جي مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کان  واقعي جو  نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته خالد لنڊ هٿياربند  گارڊن سميت عدالت  آيو هو،  نعري بازي تان خالد لنڊ وڪيلن کي  موت مار ڌمڪيون ڏنيون، خط موجب  خالد لنڊ خلاف ڪارروائي نه ٿي ته ڪراچي بار پاران سخت احتجاج ڪيو ويندو،  ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خالد لنڊ ۽ سندس 2 پٽ نور محمد ۽ شهباز لنڊ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت لاء آيا هئا، جنهن تي وڪيلن نعري بازي ڪئي هئي,