اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت کي ٻوڏ سٽيل عوام تي به رحم نه آيو، پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، ناڻي وزارت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ پيٽروليم شين جا اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪا آهن، 15 ڏينهن لاءِ اهي اگهه مقرر ڪيا ويا آهن. ناڻي وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 7 پئسا في لٽر اضافو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 235 رپيا 98 پئسا ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 2 رپيا 99 پئسا اضافو ڪيو ويو، جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 247 رپيا 43 پئسا مقرر ٿي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 79 پئسا في لٽر اضافو ڪيو ويو، نئين قيمت 201 رپيا 54 پئسا مقرر ڪئي وئي جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت به 10 رپيا 92 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن بعد نئين قيمت 210 رپيا 32 پئسا مقرر ٿي وئي آهي.

ڪراچي ( م ڊ ) اسٽيٽ بينڪ  کي آءِ ايم ايف  کان 7 ۽ 8 قسط جا هڪ ارب 16 ڪروڙ ڊالر ملي ويا، ذريعن موجب آءِ ايم ايف بورڊ  ستين ۽ اٺين جائزي بعد رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ موجب  آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 16 ڪروڙ ڊالر ملڻ بعد پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي ويا آهن