حڪومت پاران سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڄ مني بجيٽ منظور ڪرائڻ جون تياريون مڪمل

0
196
حڪومت پاران سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڄ مني بجيٽ منظور ڪرائڻ جون تياريون مڪمل
حڪومت پاران سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڄ مني بجيٽ منظور ڪرائڻ جون تياريون مڪمل

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڄ مني بجيٽ منظور ڪرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، مخالف ڌر پاران مني بجيٽ روڪڻ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ڀرپور احتجاج جو امڪان،وزيراعظم عمران خان حڪومتي ميمبرن کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي بعد اڄ سومر ڏينهن منجهند جو 3 وڳي ٿيندو، اجلاس جي پنج نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي جنهن ۾ مني بجيٽ تي سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي جي چيئرمين پاران رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ان جي منظوري وٺڻ جو مامرو به شامل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ناڻي ڪاميٽي پنهنجن اجلاسن دوران مختلف ٽيڪس تجويزن کي رد ڪيو هو،

رپورٽ ۾ تجويز ڏني ويندي ته ڪهڙا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن يا ڪهڙا برقرار رکيا وڃن. هوڏانهن قومي اسيمبلي جو اجلاس سينيٽ اجلاس کان هڪ ڪلاڪ بعد يعني 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس جي 49 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي ايجنڊا ۾ مني بل کي ترميمن سان گڏ منظور ڪرائڻ جو مامرو به شامل ڪيو ويو آھي جڏهن ته حڪومت سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام لاءِ بل پيش ڪرڻ جو مامرو به ايجنڊا ۾ شامل ڪرائي ڇڏيو آهي، ايجنڊا موجب توانائي وزير حماد اظهر پاڪستان پيٽروليم اپ اسٽريم ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام لاءِ بل پيش ڪندو، حڪومت اجلاس ۾ ستين اين ايف سي ايوارڊ تي جولاءِ کان ڊسمبر 2020 دوران عملدرآمد جي رپورٽ، اسٽيٽ بينڪ جي 2020-21 جي معاشي صورتحال بابت رپورٽ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سال 2018 ۽ 2019 جي رپورٽ پيش ڪرڻ سان گڏ اسلام آباد هيلٿ ڪيئر اٿارٽي جي قيام جو بل پيش ڪيو ويندو.

ذريعن مطابق ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف پاران پارٽي ميمبرن کي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سخت احتجاج ڪرڻ ۽ اجلاس هلڻ نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي جنهن هدايت کان پوءِ حڪومت کي خدشو آھي ته مخالف ڌر پاران ڪورم جي نشاندهي ڪئي ويندي جنهن ڪري وزيراعظم عمران خان حڪومتي ميمبرن کي حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي صدارت ۾ مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي ليڊرن جو به اجلاس طلب ڪيو ويو آھي جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به شرڪت جو امڪان آھي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ جي منظوري روڪڻ ،حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين پيپلزپارٽي جي پارلياماني پارٽي جو به اجلاس طلب ڪيو آھي ذريعن مطابق ان اجلاس ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ واري تجويز تي غور ٿيندو، پيپلزپارٽي پاران حڪومت خلاف پارليامينٽ ٻاهران احتجاج ڪرڻ جو به امڪان آھي، ن ليگ، پيپلزپارٽي سوڌو مخالف ڌر ۾ شامل  پارٽين به پنهنجن ميمبرن کي قومي اسيمبلي ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آھي.