اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ناڻي وزارت 28 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ڏنا آهن ته جيئن ٻوڏ متاثرن کي روڪ امداد ڏني وڃي، هن چيو ته ڪوشش آهي ته سنڌ مان پاڻي ڪڍيو وڃي، جيئن آڪٽوبر ۾ آبادگار ڪڻڪ جي پوکي ڪري سگهن.