حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي دادن شاهه واري علائقي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ڏانٽا لڳڻ سبب نوجوان اسد  پٽ محمد بخش ٻوڙاڻو جو ڳلو ڪٽجي ويو. اطلاع تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان حالت خراب هئڻ سبب کيس علاج لاءِ ڪراچي ريفر ڪيو ويو.مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته زخمي نوجوان اسد جو سندس پاڙي ۾ رهائش پذير آصف نالي نوجوان سان ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو جنهن دوران آصف ڏانٽن جا وار ڪري اسد کي مرڻينگ ڪيو ۽ فرار ٿي ويو آهي. هوڏانهن علائقي ۾ افواهه آهن ته ٻارن جي ڳالهه تي عورتن جي هڪٻئي سان ڏند چڪ ٿي هئي جنهن بعد جهيڙي ۾ مرد به شامل ٿي ويا.