حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعلقي حسين بخش مري جي ڳوٺ محمد حسن مري جي رهواسي خاصخيلي برادري جي ماڻهن پاران 9 سالن جي نياڻي فوزيه ڌيءُ نظر محمد خاصخيلي جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد حسين خاصخيلي، محمد شريف، عاشق علي، وحيد علي خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته عيدالاضحيٰ جي ڏهاڙي تي سندن 9ورهين جي نياڻي فوزيه  خاصخيلي گهر کان قرباني جو گوشت وٺڻ لاءِ وئي جتان هو پراسرار طور گم ٿي وئي جنهن بابت حد جي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو پر پوليس نينگري جي ڳولا ڪرڻ ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻارڙي کي بازياب ڪرايو وڃي.