حيدرآباد ۾ گلوڪاره نگهت بلوچ پاران بااثر تي هراسان جو الزام

0
366

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ماروي ٽائون واري علائقي سان تعلق رکندڙ گلوڪاره نگهت بلوچ بااثر ماڻهن جي ظلمن خلاف پريس ڪلب سامهون پنهنجي معصوم ڀائرن ۽ ڀينرن سميت احتجاج ڪيو. احتجاج دوران هن الزام هنيو ته بااثر هزارو راڄڙ پوليس کاتي ۾ هئڻ جو فائدو وٺندي مونکي تنگ ڪري رهيو آهي جڏهن ته هزارو راڄڙ پنهنجي ساٿين سان ملي سندس 12 ورهين جي ڀاءُ بلاول کي پڻ کنڀي گم ڪرائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته 3 ڏينهن اڳ هن پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن دوران ڪينٽ پوليس کيس خاطري ڪرائي ته هو بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس کي پابند بڻائيندا پر پوليس اڃا تائين سندس داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ڪري بااثر ٻيهر هراسان پيا ڪن.

هن الزام هنيو ته بااثر ڪيتري ئي عرصي کان لاڳاپا نه رکڻ تي بنا جواز تنگ ڪندو رهي ٿو جنهن خلاف پوليس وٽ بار بار دانهيو پر پوليس به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس تحفظ فراهم ڪري گم ٿيل ڀاءُ بلاول بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس سامهون پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينديس.