حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڀٽائي نگر پوليس ڦورن سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي  آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرن شورو لنڪ روڊ درياهه بند وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل 6 ڦورن سان ساڻن مبينا مقابلو ٿيو جنهن دوران هڪ ڏوهاري زوهيب عرف راجا ميرجت زخمي ٿيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا آهن. پوليس ترجمان موجب زخمي ڏوهاري جو تعلق ڪراچي موري سان آهي. سندس قبضي مان ٽي ٽي پستول ۽ موٽرسائيڪل به هٿ آئي آهي. پوليس ڏوهارين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ترجمان پاران ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ پڌرو ڪرڻ بدران رڳو هڪ ڪيس ظاهر ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب واقعي جو ڪيس زخمي ڏوهاري زوهيب ميرجت ۽ سندس ساٿين رياض عرف ببلو، مصطفيٰ سولنگي، دودو عرف قاسم، پيار علي ملاح ۽ نويد ملاح خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ابتدائي طور زوهيب عرف راجا ميرجت کي گرفتار ڪيو هو. مختلف هنڌن تي رکي آڏي پڇا ڪرڻ بعد کيس آچر ۽ سومر جي وچ واري رات ڄاڻايل علائقي ۾ پهچائي ڄنگهه ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪرڻ بعد مبينا پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪئي آهي.