ڪراچي: پوليس رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾  پهرين جنوري کان 15 مارچ تائين ڪراچي رينج ۾ ڏوهن ۾ 2483، سکر رينج ۾ 154، لاڙڪاڻي رينج ۾ 346  ۽ ميرپورخاص رينج ۾ 311 سيڪڙو گھٽتائي  ٿي آهي. جڏهن ته حيدرآباد رينج ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 522 ۽ شهيد بينظيرآباد رينج ۾ 157 سيڪڙو واڌ آئي. پوليس رپورٽ موجب پهرين جنوري کان 15 مارچ تائين گذريل سال جي مقابلي ۾ سنڌ جي هر ريجن ۾ ڌاڙن ۽ ڦرن  ۾ گھٽتائي آئي پر حيدرآباد ۽ شهيد بينظيرآباد رينجز ۾ انهن ڏوهن ۾ واڌ ٿي، رپورٽ موجب حيدرآباد رينج ۾ ڌاڙن ۾ 20 ۽ ڦرن ۾ 12 سيڪڙو اضافو ٿيو ، جڏهن ته شهيد بينظيرآباد ۾ ڌاڙن جي شرح ۾ 14 ۽ ڦرن ۾ 2 سيڪڙو اضافو ٿيو،  سکر رينج ۾ وري ڦر وارداتن ۾ 7 سيڪڙو اضافو ٿيو.