حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٽن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي بدلي ڪيو ويو آهي. لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ تعلقي ٻهراڙي ۾ مقرر ڪيل اسسٽنٽ ڪمشنر احمد مرتضيٰ کي ٻهراڙي تعلقي مان بدلي ڪري حيدرآباد سٽي جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻهراڙي تعلقي ۾ گريڊ 17هين جو سيڪشن آفيسر (لينڊ يوٽيلائيزيشن) حاطف سيال کي ٻهراڙي تعلقي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. حيدرآباد سٽي تعلقي مان محمد اشرف سانگري کي بدلي ڪري کيس سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرائي وئي آهي. لطيف آباد تعلقي ۾ مقرر محمد اقبال اعواڻ کي به سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سندس جاءِ تي مقرري جي انتظار ۾ ويٺل شائسته جبين منور کي تعلقي لطيف آباد جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. انهن مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا آهن.