ٽنڊو ڄام (ن پ ا) حيدرآباد ۾ قتل ٿيل سانگھڙ واسي شاهنواز سومرو جي قتل ڪيس ۾ ماءُ ڌيءُ گرفتار ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ ٽنڊو ڄام ۾ حيدرآباد پوليس شاهنواز سومرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، پوليس ماءُ ۽ ڌيءَ کي تحويل ۾ وٺي ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد کڻي وئي پوليس. جڏهن ته الزام هيٺ آيل جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا. ڪجھه ڏينھن اڳ حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي جي حد ۾ سانگهڙ واسي شاهنواز سومرو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، حيدرآباد پوليس گذريل رات دير سان ٽنڊو ڄام ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، پوليس ذريعن موجب حراست ۾ ورتل لطيفان ٽانوري ۽ سندس ڌيءَ کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد پوليس کين پاڻ سان وٺي وئي، ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته پوليس حراست ۾ ورتل لطيفان ٽانوري جي ڌيءَ جي مقتول سان دوستي هئي.