حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا ۽ پاڪستان آرمي طرفان ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي  جناح جي 146هين جنم ڏينهن جي نسبت سان راڻي باغ ۾ فيملي فيسٽيول جاري آهي. فيملي فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن تي به شهر جي تاريخي تفريح گاهه راڻي باغ ۾ ماڻهن جي رش رهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان فيميليز وڏي تعداد ۾ فيسٽيول ۾ پهتيون. ٻارن جو به وڏو انگ فيسٽيول ۾ پهچي تفريح حاصل ڪري رهيو آهي. اهو فيسٽيول پهرين جنوري 2022ع تائين جاري رهندو. فيملي فيسٽيول ۾ شهري روزانو ڏينهن جو 12 وڳي کان رات جو 12 وڳي تائين تفريح حاصل ڪري سگهندا. فيسٽيول ۾ عورتن لاءِ مينا بازار لڳل آهي جتي گارمينٽس، ڪاسميٽڪس، ڪپڙن ۽ عورتن جي هار سينگار جون شيون رکيون ويون آهن. ٻارن جي تفريح لاءِ ڪڊز ڪارنر قائم آهي جتي ٻار پهچي جهولن جو مزو وٺي رهيا آهن. فوڊ ڪورٽ ۾ به ماڻهن جي رش لڳل رهي  جڏهن ته ثقافتي اسٽالن تي به خريداري جو سلسلو جاري آهي. ثقافتي اسٽالن وٽ سنڌي اوطاق ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻيل آهي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ ٻين ادارن طرفان لڳايل بڪ اسٽالن تان پڻ ڪتاب رعايتي اگهه ۾ خريد ڪيا پيا وڃن. سنڌ سمال انڊسٽريز پاران لڳايل اسٽالن تي سڌي ريت ماڻهن کي هٿ جون شيون ٺاهي ڏيکاريون پيون وڃن. موسمي گلن جي به نمائش لڳل آهي. راڻي باغ کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. ٻئي ڏينهن تي موسيقي جي محفل منعقد ٿي جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن فنڪارن شمن علي ميرالي، شهلا گل، طفيل سنگراڻي، ديبا سحر، مارول گروپ، سحر علي ۽ ڪاميڊين اصغر علي کوسي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.