حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سماج مان سهپ موڪلائي وئي، گهر تي قبضي لاءِ ماءُ ۽ ڌيءُ کي ڪمري ۾ قيد ڪري دروازي ۽ دري کي ديوار ڏياري پلستر ڪرائڻ جو انڪشاف، پوليس کي اطلاع بعد ديواريون ٽوڙائي ماءُ ڌيءُ کي بازياب ڪرايو ويو، واقعي جو ڪيس عورت سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو. لطيف آباد يونٽ نمبر 5 واري علائقي ڪچي آبادي اڪبر آباد ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ کي 15 ڪلاڪن تائين ڪمري ۾ قيد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد پوليس تحرڪ وٺي مسمات تسليم زال مرحوم عبدالحق عرف بندو يوسفزئي کي 14 ورهين جي نياڻي دعا يوسفزئي سميت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس موجب بازياب ٿيل ماءُ ۽ ڌيءُ کين ٻڌايو ته انهن کي مرحوم مڙس جي مامي جي ڀاءُ سهيل پٽ عزيز، سندس زال مسمات صائمه عرف شانه ۽ سندس سالي وسيم گڏجي ڪمري ۾ بند ڪري دروازي ۽ دري کي ديوار ڏياري پلستر ڪرائي کين قيد ڪيو. پوليس موجب ته عورت سان ڄاڻايل ماڻهن جو سندس مرحوم مڙس جي ملڪيت گهر تي ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ هو. مسمات تسليم يوسفزئي پوليس کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ 28 جو تي هو جيئن ئي ساڍي 12 وڳي پنهنجي ڪمري ۾ ڌيءُ سان گڏ داخل ٿي ته ڄاڻايل ماڻهن ڪمري جو در بند ڪيو ته انهن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون جنهن بعد کين قيد ڪندڙ ماڻهن گهر جو مک دروازو به بند ڪري ڇڏيو ته جيئن اسان جو آواز پاڙي وارا نه ٻڌي سگهن. ايس ايڇ او بي سيڪشن هاشم بروهي جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل ماڻهن پاران واقعي جو اطلاع 15 پوليس کي ڏنو ويو هو جنهن کين معاملي بابت ڄاڻ ڏني، ان کانپوءِ هو ٽيم وٽ ڄاڻايل علائقي ۾ پهتو ۽ مزدورن جي مدد سان ديواريون ڊهرائي عورت ۽ سندس نياڻي کي بازياب ڪرايو آهي. ايس ايڇ او موجب ته واقعي جو ڪيس به متاثر عورت جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ انهن جوابدارن جي گرفتاري جون به ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

مڙس جو مامو گهر تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو: تسليم يوسفزئي

حيدرآباد: لطيف آباد عورت ۽ سندس ڌيءُ کي مبينا قيد ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. بي سيڪشن پوليس اهو ڪيس مسمات تسليم يوسفزئي زال مرحوم عبدالحق عرف بندو يوسفزئي جي فرياد تي داخل ڪيو. فريادڻ تسليم پاران ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لطيف آباد يونٽ نمبر 5 جي ڪچي آبادي اڪبر آباد ۾ قائم گهر جا مرحوم سهري سرور حسين پنهنجي حياتي ۾ 3 حصا ڪيا هئا جنهن ۾ گهٽي واري پاسي کان هن سندس مڙس عبدالحق جي مامي جي ڀاءُ سهيل پٽ عبدالعزيز کي ڏنو هو جڏهن ته وچ واري حصي ۾ هو پنهنجي مرحوم مڙس عبدالحق ۽ نياڻي دعا سان گڏ رهائش پذير آهي جڏهن ته روڊ واري پاسي کان سندس ڏير جو پٽ عرفان رهي ٿو ۽ گهر جا ڪاغذ به ڏير وٽ آهن. فريادڻ موجب ته مڙس جي مامي جو ڀاءُ سهيل ڪافي عرصي کان گهران بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن ان کان اڳ سندن گئس، بجلي ۽ پاڻي به بند ڪيو ته جيئن اسان ماءُ ڌيءُ پريشان ٿي گهر ڇڏي وڃون. هڪ ڏينهن اڳ ساڍي 12 وڳي آئون ڌيءُ دعا سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿيس ته جوابدار سهيل، سندس زال صائمه عرف شانه ۽ سالي وسيم ڪمري جو دروازو بند ڪيو ته اسان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رڙين بعد جوابدار مک گيٽ ڏانهن ويا ۽ اهو گيٽ بند ڪري واپس اچي ڪمري جي دروازي کان ٻاهر ديوار ڏياري پلستر ڪرائي اسان کي قيد ڪيو جنهن بعد خبر ناهي معاملي بابت ڪنهن مددگار پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس پهچي اسان ٻنهي جي حياتي بچائي آهي.

 

هانءُ ڏاريندڙ واقعي تي سوشل ميڊيا تي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

حيدرآباد: حيدرآباد جي شهري علائقي ۾ پيش آيل هانءُ ڏاريندڙ واقعي تي سوشل ميڊيا توڙي ٻين فورم تي به جوابدارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سياسي سماجي اڳواڻن توڙي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا واقعا ڪنهن دور ۾ ٻڌا ويندا هئا ۽ هاڻي جديد دور آهي. پڙهيل لکيل ماڻهو به جيڪڏهن اهڙي قسم جو عمل ڪندا ته سماج تي ناڪاري اثر ٿيندا ان ڪري پوليس فوري طور مسمات تسليم يوسفزئي ۽ سندس نياڻي دعا کي گهر ۾ قيد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ته جيئن عدالت کين ڪيل عمل جي سزا ٻڌائي.

پوليس ڪارروائي: جوابدارن جي سهولتڪاري الزام  هيٺ 2 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد: لطيف آباد يونٽ نمبر 5 ۾ قائم گهر ۾ عورت ۽ سندس ڌيءُ کي قيد ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جوابدارن جي سهولتڪاري واري الزام تحت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن پاران پوليس کي شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسمات تسليم يوسفزئي سان جوابدار سهيل ۽ ٻين جو گهر واري معاملي تي تڪرار هلندڙ هو پر کين جوابدارن جي خبر ناهي ته اهي ڪٿي روپوش ٿي ويا آهن. پوليس پاران ٻنهي ڄڻن جي گرفتاري جي تصديق نه ڪئي وئي هئي.