حيدرآباد: ڏوهه ثابت ٿيڻ تي يوٽيلٽي اسٽور انچارج کي 3 سال قيد جي سزا

0
308
حيدرآباد: ڏوهه ثابت ٿيڻ تي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اينٽي ڪرپشن سينٽرل ڪورٽ دادو جي سيتا واري علائقي ۾ قائم يوٽيلٽي اسٽور جي فنڊن ۾ گهوٻين واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي يوٽيلٽي اسٽور انچارج کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

جوابدار امجد مير جانوري سزا سان گڏ 7 لک 59 هزار 606 رپيا ڏنڊ ادا ڪندو ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس وڌيڪ 3 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي

2009ع دوران دادو ريجن جي ايريا مينيجر مبارڪ علي ڪوريجو ايف آءِ اي سرڪل حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو

ڪيس جي متن ۾ چيو ويو هو ته 5 آڪٽوبر 2008ع کان 13 ڊسمبر 2008ع تائين يوٽيلٽي اسٽور انچارج يوسي سيتا امجد مير جانوري اسٽور تان وڪرو ڪيل سامان ۽ مختلف فنڊن ۾ ملندڙ 8 لک 74 هزار 25 رپيا رقم غائب ڪري ڇڏي هئي جنهن پگهار مان هڪ لک 14 هزار 444 رپيا اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا باقي ٻي رقم فراهم ناهي ڪئي

ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار روپوش ٿي ويو هو، عدالت پاران وارنٽ جاري ٿيڻ بعد هن وڪيل معرفت هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري پنهنجي ضمانت ڪرائي هئي

ھي به پڙھندا

حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ ٿيل نين تڪبندين بابت جواب طلب