حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نسيم نگر پوليس ڪراچي مان مبينا اغوا ڄاڻايل شاگرد کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد عاطف جٽ کي ڪراچي جي علائقي منظور ڪالوني مان ڪار ۾ سوار اڻڄاتل ماڻهن اغوا ڪيو هو. پوليس دعويٰ ڪئي ته انهن معمول موجب چيڪنگ پئي ڪئي جنهن دوران بنا نمبر پليٽ جي ڪاري ڪلر جي مشڪوڪ ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد ڪار ۾ سوار ماڻهو شاگرد کي گاڏي مان لاهي فرار ٿي ويا. ايس ايڇ او نسيم نگر مظفر خالدي موجب ته نوجوان عاطف جٽ کين ٻڌايو ته هو آءِ ٽي جو شاگرد آهي. اڻڄاتل ماڻهن ڪراچي مان زبردستي ڪار ۾ ويهاري اغوا ڪيو. گاڏي ۾ کانئس مختلف ويب سائيٽ جي هيڪ ٿيڻ بابت پڇا ڪئي. ايس ايڇ او موجب نوجوان جي والدين کي اطلاع ڏئي گهرايو ويو جن پهچي لکت ۾ بيان ڏنو ته هو ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪرائيندا جنهن بعد سندن نوجوان حوالي ڪيو ويو جيڪي کيس پاڻ سان گڏ ڪراچي وٺي ويا.